جلال جي بازيابي، راڄوڻي بي لاڀ،ڪيس داخل، ايس پي مقرر،آپريشن جي تياري

خانپور(زبيرگل)  لوڪ فنڪار جگر جلال ۽ سندس ساٿين جي بازيابي لاءِ پوليس ۽ سردارن ۾ راڄوڻي رابطن کي 24 ڪلاڪ گذري ويا پر ڪو نتيجو نه نڪتو. پوليس ڳڙهي تيغي جي ڪچي واري علائقي ۾ وڏي آپريشن جي تياري شروع ڪري ڇڏي. ڊي آء جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ ۽ ڳڙهي تيغي جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن جي ڪمانڊ آفيسر ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش نفري ساڻ ڪري ڳڙهي تيغي ۽ ڪچي جو دورو پڻ ڪيو آهي ۽ 50 جي لڳ ڀڳ ڪمانڊوز کي تعينات ڪري ڇڏيو آهي.

  ذريعن موجب پوليس مقامي سردارن جي معرفت داڙيلن سان جگر جلال جي ساٿين سميت بازيابي جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون پر اڃا ڪو کڙ تيل نه نڪتو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جگر جلال ۽  سندس ساٿي جيڪڏهن ڊيل ذريعي بازياب نه ٿيا ته  ڊي آء جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ چيو آهي ته ڳڙھي تيغي جي ڪچي ۾  وڏي پيماني تي بي رحم آپريشن ڪري سردارن ۽ چڱن مڙسن کي بہ گرفتار ڪيو ويندو. ياد رهي ته شهيد ٿيل  ڊي ايس پي رائو شفيع الله کي ڪالهه سکر ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو هو. جگر جلال ميديا ۽ گهر وارن کي فون ڪري وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي اپيل ڪئي هئي ته پوليس آپريشن نه ڪريو اسانجون زندگيون خطري ۾ آهن. هنن ٻڌايو هو ته ڌاڙيلن اسان کي اهڙي جاءِ تي رکيو آهي جتي پوليس ته ڇا پر فوج به نٿي اچي سگهي.

هوڏانهن ڏاڙيلن سان مقابلي ۾ شهيد ٿيل ڊي ايس پي رائو شفيع الله ۽ سندس گارڊ بابر شاه جي زخمي ٿيڻ جا 2 الڳ الڳ مقابلي جا ڪيس ناپر ڪوٽ ٿاڻي تي سرڪاري جي مديت ۾ ايس ايڇ او ناپر ڪوٽ امتياز کهاوڙ جي فرياد تي گناه نمبر 30/2019 ۽ 31 /2019  ڏوه قلم 302/324/353 ۽ دهشت گردي ايڪٽ تحت عبدالواحد تيغاڻي ، ٻيلو تيغاڻي ، سکيو تيغاڻي ، سونارو تيغاڻي ، ممتاز تيغاڻي سميت 26 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته مغوي فنڪار جگر جلال ۽ سندس سان گڏ 4 ساٿين جي بازيابي جي لاء ڳڙهي تيغو جي ڪچي ۾ ڏڪ بند ويجهو ڪيس ۾ ڄاڻايل ڌاڙيلن سان مقابلو ٿي پيو جنهن ۾ ڊي ايس پي خانپور رائو شفيع الله گوليون لڳڻ سبب شهيد ٿي ويو  ۽ سندس گارڊ بابر شاه گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو. هوڏانهن آءِ جي سنڌ شڪارپور ۾ ڊاڪٽر رضوان کي نئون ايس ايس پي مقرر ڪيو آه، جتان ڏوهن ۾ واڌ ۽ پوليس آفيسرن جي شهادت بعد ساجد صدوزئي کي جبري موڪل تي اماڻيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو