جلال آباد ۾ ڀاڄ دوران 15 ماڻهو لتاڙجي فوت

جلال آباد(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي جلال آباد واري علائقي ۾ ڀاڄ دوران 11عورتن سوڌو 15 ڄڻا لتاڙجي فوت، افغان اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستاني قونصل خاني ٻاهران سوين ماڻهو ويزا لاءِپهتا هئا، قونصل خاني ٻاهران اوچتو فائرنگ بعد ڀاڄ پئجي وئي، جنهن سبب 15 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. معاملي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ويزا لاءِ ميدان تي وڏي انگ ۾ ماڻهو پهتا، جتي اوچتو ڀاڄ پئجي وئي ته ماڻهو فوت ٿي ويا. جلال آباد ۾ قائم پاڪستاني قونصليٽ کان 5 ڪلوميٽر پري واقع اسٽيڊيم ۾ معمول موجب ماڻهو گڏ ٿيندا آهن جن کي افغان اختياريون قطار ٺاهڻ لاءِ چئي رهيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو