جعلي ڀرتين واري ڪيس جي ٻڌڻي 13 آڪٽوبر تائين ملتوي

سکر(بيورو رپورٽ) تعليم کاتي نوشھروفيروز ۾ جعلي ڀرتين واري مامري تي نيب سکر اڳوڻي ڊي اي او نوشھروفيروز سميت 18 ڄڻن خلاف ريفرنس داخل ڪرائي ورتو. احتساب عدالت سکر ريفرنس جي منظوري ڪندي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي، ريفرنس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته سال 2007 کان 2014ع تائين غير قانوني ڀرتيون ڪيون ويون.ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ جي 95 سيٽن تي جعلي ڀرتيون ڪيون ويون، ڀرتين ۾ گريڊ 2 کان 15 گريڊ جون پوسٽون شامل آهن. ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته ڀرتين جي لاءِ نه ڪنھن اخبار ۾ اشتھار ڏنو ويو ۽ نه ئي قانوني گھرجون پوريون ڪيون ويون، ڀرتي ٿيندڙ اميدوارن کان انٽرويو به نه ورتا ويا. ريفرنس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اڳوڻي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر  جي ملي ڀڳت سبب رشوت عيوض ڀرتيون ڪيون ويون. عدالت ريفرنس جي ٻڌڻي 13 آڪٽوبر تي مقرر ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو