جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ گهرواري پاران اثاثا ظاهر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي سينئر جج قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس گهرواري سيرينا عيسيٰ رضا ڪارانه طور تي پنهنجا اثاثن جو تفصيل جاري ڪري ڇڏيو آهي. هنن جو چوڻ آهي ته وومن ايڪشن فورم هلندڙ سال آگسٽ ۾ آئين جي آرٽيڪل 19 اي موجب درخواست ڏني هئي ته سپريم ڪورٽ، پنجن ئي هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽسز ۽ ججن، فوجي سربراهن ۽ سينئر فوجي آفيسرن جي آمدن، ٽيڪس، اثاثن، پگهارن ۽ رعايتن جو تفصيل گهريو هو. سندن مطالبي کي نظر رکندي جسٽس عيسيٰ تفصيل جاري ڪيا آهن. هنن 2018 کان ڏنل ٽيڪس ۽ بطور سپريم ڪورٽ جج حاصل رعايتن ۽ آمدن جو تفصيل به جاري ڪيو آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته 2018 ۾ هن جي آمدن ڏيڍ ڪروڙ رهي ۽ 22 لک روپيا انڪم ٽيڪس ادا ڪئي، 2019 ۾ هڪ ڪروڙ 70 لک آمدن ۽ 17 لک 90 هزار انڪم ٽيڪس ڀري، 2020 ۾ 2 ڪروڙ 10 لک جي آمدن تي 26 لک ٽيڪس ادا ڪئي. جسٽس عيسيٰ ٻڌايو آهي ته ڪراچي ڊفينس فيز ٽو ۾ هن وٽ 800 گز جو گهر آهي جنهن جو پلاٽ خريد ڪري هن گهر ٺهرايو ۽ اهو ان وقت ٿيو جڏهن هو وڪالت ڪندو هو. هن ٻڌايو ته ڊي ايڇ اي ۾ هڪ پلاٽ 800 گز ۽ هڪ ٻيو پلاٽ 200 گز جو ڪمرشل پلاٽ به آهن جيڪي وڪالت دوران ورتا هئا.هن ٻڌايو آهي ته زيارت ۾ قائد اعظم جي رهائش گاهه لڳ هڪ پلاٽ ۾ اڌ حصو والد طرفان مليو جنهن جي ڪافي حصي تي حڪومت قبضو ڪري چڪي آهي. هن چيو ته ڪوئٽا جي ليٽن روڊ تي واقع پلاٽ جو هڪ حصو وڪرو ڪرڻ سبب ٿيل آمدن مان هن لاهور ڊي ايڇ اي ون ۾ هڪ ڪنال جو گهر خريد ڪيو هو جيڪو ڪرائي تي ڏنل آهن. هن ٻڌايو آهي ته سندس بئنڪ اڪائونٽ ۾ 4 ڪروڙ 10 لک روپيا آهن ۽ 40 لک روپين جي ماليت برابر پرڏيهي ڪرنسي آهي. هن ٻڌايو آهي ته وٽس هڪ هنڊا ڪار، هنڊا اڪارڊ ۽ هڪ مني جيپ آهي.هن چيو ته اسلام آباد ۾ هڪ سرڪاري گهر، ٻه ملازم هڪ بورچي، هڪ پارٽ ٽائم مالهي، ٻه سرڪاري گاڏيون 2015 ۽ 2017 ماڊل جون 600 لٽر ماهوار تيل ۽ منظور ڪيل اسپتالن ۾ فري ميڊيڪل جي سهولت حاصل آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته بطور چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي جج طور ڪڏهن ڪو پلاٽ نه ورتو، هڪ پلاٽ جي آڇ ڪئي وئي جيڪو وٺڻ کان معذرت ڪئي هئي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي ٻين ججن جيان گهرو وزارت جي آگسٽ 2019 ۾ جاري ٿيل ايس آر او مطابق ممنوعه بور جو هٿيار ڏيڻ جي آڇ ٿي پر هن انڪار ڪيو هو.

File Photo Whatsapp

هن چيو ته ماهوار 2000 يونٽ بجلي، 2500 ڪيبڪ فٽ گيس 300 لوڪل ڪالز جي سهولت به آهي. هن ٻڌايو آهي ته سيرينا عيسيٰ هن جي ڊپينڊنٽ ناهي هوءَ لنڊن ۽ پاڪستان ۾ انڪم ٽيڪس ريٽرن ڀريندي آهي. سيرينا عيسيٰ موجب هن 2018 ۾ 5 لک 76 هزار540 روپيا انڪم ٽيڪس ادا ڪئي ۽ سندس آمدن 40 لک روپيا هئي. 2019 ۾ سندس انڪم 53 لک ۽ ٽيڪس 8 لک 9 هزار970 روپيا ۽ 2020 ۾ سندس 66 لک روپين جي آمدن تي 10 لک روپيا ٽيڪس ادا ڪئي. هن جي نالي جيڪب آباد ضلعي جي تعلقي ٺل۾ 24.7 ايڪڙ ۽ 148.21 ايڪڙ زرعي زمين آهي،  شاهه لطيف ٽائون ڪراچي ۾ پلاٽ آهي جنهن تي قبضو ٿي چڪو آهي ۽ 3 آف شور پراپرٽيز لنڊن ۾ آهن. 2 ڪروڙ 10 لک روپين جا سيونگ سرٽيفڪيٽ، ڏيڍ ڪروڙ روپيا بئنڪ اڪائونٽ ۽ فارين ڪرنسي اڪائونٽ ۾ اڍائي ڪروڙ روپين برابر رقم آهي. هن ٻڌايو آهي ته کيس 33 سالن جي نياڻي آهي جيڪا شادي شده آهي ۽ پاڪستان ۾ رهي ٿي ۽ پاڻ ٽيڪس ڀريندي آهي جڏهن ته سندس پٽ 30 سالن جو آهي جيڪو لنڊن ۾ رهندو آهي ۽ هو به لنڊن ۽ پاڪستان ۾ ٽيڪس پاڻ ڀريندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو