جسٽس قاضي عيسيٰ ۽ سندس گهر واري ڪورونا ۾ مبتلا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس گهرواري سيريناعيسيٰ ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.  سپريم ڪورٽ جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس گهر واري ٽيسٽ مثبت اچڻ بعد گهر ۾ قرنطينه ٿي ويا، اين سي او سي ملڪ ۾ هوائي سفر لاءِ ڪورونا ويڪسينيشن جو سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اين سي او سي جو چوڻ آهي ته مسافر فضائي سفر ۾ پريشاني کان بچڻ لاءِ 31 جولاءِ تائين ويڪسين لڳرائين ۽ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو