جديد ٽيڪنالاجي ۽ ريڊيو جي عروج ۽ زوال جي ڪهاڻي

پکو (رپورٽ، عبدالوحيد ميئو) جديد دور اچڻ ڪري ريڊيو ٻڌڻ جو رواج گھٽجي ويو , ٻھراڙين جي اوطاقن جي زينت بڻيل ريڊيو ماضي جو قصو بڻجي ويو , سُر سنگيت , خبرون چارون , حال احوال , ڪچھريون ۽ ڄاڻ ڏيندڙ ريڊيو پروگرامن کان ٻڌندڙ منھن موڙي ويا. سنڌ جي ٻھراڙين توڙي شھرن جي اوطاقن جي زينت بڻيل ريڊيو ماضي جو قصو بڻجي ويو , پراڻي دور ۾ جتي ڄاڻ ۽ تفريح جو ٻيو وسيلو نه ھوندو ھو ته ريڊيو کي وڏي اھميت ھوندي ھئي , خاص ڪري ٻھراڙين جي ڪچين اوطاقن جي ڪشادن اڱڻن تي ريڊيو کي ڪنھن چونئري جي جاري يا کٽ تي رکي سڀ ماڻھو ھڪ ڪنا ٿي پروگرام ۽ ملڪي سماچار ٻڌندا ھئا.

ريڊيو ۾ جتي ملڪي خبرچار کان ويندي تفريح ۽ راڳ ويراڳ ۽ سُر سنگيت جا پروگرام ھلندا ھئا ته ماڻھو وقت ڪڍي پنھنجي پسند جا پروگرام ٻڌندا ھئا مطلب ته شھر جي شور کان تنگ ماڻھو دل کي راحت بخشڻ لاءّ ريڊيو جو رخ ڪندا ھئا ۽ ھلڪو آواز ڏئي ڪلاسيڪل راڳين کان ويندي قوال قصيده پيا ٻڌندا ھئا , ٻھراڙين ۾ وري پورھيت طبقو ريڊيو کي چاھ سان ٻڌندو ھو , جھر جھنگ ھجي يا گھر اڱڻ اوطاق ھجي ريڊيو ھمراھن جي ڪلھن ۾ ھوندو ھو ۽ سُر تال جي سازن جا شمڪار ھوندا ھئا , ٻھراڙين ۾ سڄي ڏينھن جا ٿڪل ماڻھو شام جو ڳوٺ جي ڪنھن ھڪ اوطاق ۾ گڏ ٿيندا ھئا جتي پراڻي دور جو ڪاٺ وارو ريڊيو رکي فتح خان جي ڪچھري ٻڌي واھ واھ پيا ڪندا ھئا اھڙي طرح زمين تي ڪم ڪندي به ٻن سيلن وارو ريڊيو وڻ ۾ ٽنگي پنھنجو شوق پورو ڪندا ھئا. ريڊيو جا شوقين شھرن جي ڀيٽ ۾ ٻھراڙين ۾ وڌيڪ ھوندا ھئا , ڌنڌن دوڪانن توڙي عام بيٺڪ تي به ريڊيو ٻڌو ويندو ھو , ريڊيو تي ھلندڙ پروگرامن ۾ سڀ کان گھڻو ٻڌو ويندڙ پروگرام سيد صالح محمد شاھ جو فتح خان جي ڪچھري ھو ان کان علاوه اوھان جي فرمائش ۽ زرعي پروگرام وڏي شوق سان ٻڌا ويندا ھئا , جڏھن ته رات جو 8 ٿيندا ھئا ته سڄي ڳوٺ يا پاڙي جا ماڻھو اوطاقن تي چوراھو ٺاھي خبرن ۽ تبصرن جو مشھور سيربين پروگرام BBC ٻڌو ويندو ھو جنھن جو ٻڌندڙ شدت سان انتظار ڪندا ھئا.

پراڻي دور ۾ ڪاٺ واري ريڊيو کي وڏي اھميت ھوندي ھئي , شوقين ريڊيو کي ڪپڙن جي رنگين چولي نما چادر ٺاھي ڳانيون ٻڌندا ھئا ان سان گڏ جھالر ۽ چمڙي جا پوش ڪور ٺھرائي ريڊيو مٿان چاڙھيندا ھئا , ريڊيو ۽ پوندڙ گول سيلن جي حفاظت ڪندا ھئا جڏھن ته شوقين ماڻھو ريڊيو جي چانهن ۾ فوني ٽائيپ وڏا وڏا طوطري لائوڊ به رکندا ھئا ۽ انھن وسيلي وڏي آواز سان ريڊيو ھلائي دل جي ورونھن پري ڪندا ھئا. ريڊيو تي ھلندڙ موسيقي جي پروگرام ۾ پراڻن گوين ۽ ڪلاسيڪل ڪلاڪارن استاد منظور علي خان , استاد گلزار علي خان , محمد يوسف , جيوڻي ٻائي , عابده پروين , مائي ڀاڳي , پٺاڻو خان , رونا ليلي’ , جمن علي , وحيد علي , سينگار علي سليم , غلام علي سنديلو کان علاوه اردو فنڪارن قوالي ميان عزيز , ترنم نور جھان , عابده خانم , نصرت فتح علي خان کي تمام گھڻي شوق سان ٻڏو ويندو ھو . پراڻي دور ۾ ٻڌندڙ ريڊيو جي پروگرامن ۾ حصو وٺڻ لاءّ خط لکي ان ۾ فرمائش توڙي پروگرامن جي ساراھ ۽ تجويزون لکي موڪليندا ھئا جنھن ڪري ريڊيو اسٽيشنن تي روزانو ھزارين خط پارسل ٿيندا ھئا , سنڌ ۾ پنھنجي دور ۾ ھي ريڊيو اسٽيشنز ڪراچي , خيرپورو ميرس , حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو اسٽيشن پنھنجن منفرد پروگرامن جي صورت ۾ عروج تي ھونديون ھيون جيڪي سڄي سنڌ ۾ مشھور ھيون , ان سان گڏ ھندستان جي آل انڊيا سنڌي سروس به سنڌ جي مختلف سرحدي شھرن ۾ ٻڌي ويندي ھئي جنھن پڻ ھند ۽ سنڌ ۾ رھندڙ سنڌي ديوان ۽ مسلمان تمام گھڻو پسند ڪندا ھئا.

ھي سڀ ريڊيو اسٽيشنون ميڊيم ويوز فريڪوئنسي  تي ھلنديون ھيون. ريڊيو جو زوال موبائل فون ۽ سوشل ميڊيا جي استعمال ٿيڻ سان شروع ٿيو , نئون نسل ريڊيو جي نشريات توڙي پروگرامن کان اڻ واقف بڻيل آھن , موبائل جي ڪسير واھپي سان ريڊيو اوطاقن توڙي گھرن مان موڪلائي ويو , جتي سوشل ۽ موبائل ريڊيو کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آھي اتي خانگي FM ريڊيو اسٽيشن به وسان نه گھٽايو آھي , خانگي ريڊيو چينلن تي معيار کان ڪريل پروگرام ھلڻ ڪري ٻڌندڙن به ريڊيو کان منھن موڙي ڇڏيو , ڊجيٽل موسيقي ۽ بيھوده پروگرام ھلڻ ڪري ماڻھو FM چينلن کي گھرن ۾ ٻڌڻ گوارا نٿا ڪن , جڏھن ته خانگي چينلن تي سيکڙاٽ ۽ نوان ڪمپيئر ايڊجسٽ ڪرڻ ڪري کين ٻولي جي تلفظ ۽ ڄاڻ جي کوٽ سبب جملا ٻولي جي بگاڙ ۾ به ڪا ڪسر نه ڇڏي اٿائون.

پهنجو تبصرو موڪليو