جديد دور ۾ سنڌين کي گٽرن جو پاڻي پياريو پيو وڃي، جتوئي

جهول (پ ر)سنڌ هاري ڪاميٽي جو وفد مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي،مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمد نواز انقلابي،آزاد عالم لاشاري ۽ ڪامريڊ محبوب علي پاران جهول جي ڳوٺ گل حسن سريوال پهچي سنيئر صحافي اسحاق مڱريو سان سندس پٽ حسن مڱريو جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي ان کان پوء جهول پريس ڪلب پهچي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ اندر مهنگائي عروج تي آهي روزانو جي بنياد مهنگائي وڌي پئي غريب بي حال ٿي ويو آهي سنڌ جي اسپتالن جي حالت خراب آهي غريب کي رليف نٿو ملي سنڌ جي ماڻهن کي زهريلو پاڻي پياريو  پيو وڄي، ايتري جديد دور ۾ به سنڌ جي ماڻهن کي گٽرن جو پاڻي پياريو پيو وڃي اڳواڻن چيو ته سنڌي پورهيت بي حال آهن هارين مزدورن کي ڪو رليف ناهي ڏنو ويو زرعي ملڪ هوندي به زراعت کي تباه ڪيو پيو وڃي هنن چيو ته هارين لاء فوري رليف جو پيڪيج جو اعلان ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو