جج جو ٿاڻي تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل ڳوٺاڻو آزاد

جروار (محمد بخش گبول) سول جج ميرپور ماٿيلو جروار ٿاڻي تي ڇاپو هڻي ناحق باندي بڻيل ڳوٺاڻي شهزادو لنڊ کي آزاد ڪرائي ورتو. جج  ايس ايڇ او جروار کي سڀاڻي رڪارڊ سميت ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. ناحق باندي بڻيل شهزادو لنڊ جي ڀاءُ اربيلو لنڊ پنهنجي وڪيل لياقت ملاڻو جي معرفت ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج ميرپور ماٿيلو جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ته ان جي ڀاءُ کي جروار ٿاڻي تي ناحق قيد ڪيو ويو آهي جنهن تي ٿرڊ ايڊيشنل جج فرسٽ سول جج ميرپور ماٿيلو کي ريڊ ڪمشنر مقرر ڪيو، جنهن ڪاروائي ڪري ناحق باندي بڻيل ڳوٺاڻي کي آزاد ڪرايو.

پهنجو تبصرو موڪليو