جتوئي برادري ۾ ڪارنهن تڪرار 21 جانيون ڳڙڪائي ويو

خانپور (ن سنڌيار) جتوئي برادري جي ٻن ڌُرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو، ڳوٺ فريد جتوئي ۾ جهيڙي دوران ڳوٺاڻو عيدن جتوئي قتل، فائرنگ ۾ 2 ڄڻا زخمي، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته عطراڻي، ڪمالاڻي ۽ سعد خاناڻي جتوئي ڌر جي هٿياربندن حملو ڪيو، ڌُرين ۾ جهيڙي بعد علائقي ۾ خوف جي صورتحال، پوليس جهيڙو ٽارڻ لاءِ حرڪت ۾ نه آئي، جتوئي برادري جي ٻن ڌُرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان هيل تائين عورت ۽ ٻارڙي سوڌو 21 ڄڻا قتل ٿي چڪا آھن. پوليس رسمي مداخلت ڪر خانا پوري ڪري پئي. سردار به وچ ۾ نٿا پون علائقي ۾ آزار بڻجي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو