جبري گمشدگين تي ملڪ جي بدنامي آهي،سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جبري گمشدگين جي معاملي تي پاڪستان جي دُنيا ۾ بدنامي ٿي رهي آهي، جاويد اقبال جي ڪميشن کانسواءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسز کي به ڏٺو وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ لاپتا شهرين جي ڪيس تي ٻڌڻي دوران جسٽس ڪي ڪي آغا جا ريمارڪس، پرڏيهي کاتي عدالت آڏو لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، اٽارني جنرل عدالت آڏو دعويٰ ڪئي ته وفاقي سرڪار لاپتا شهرين جي معاملي تي انتهائي سنجيده قدم کڻي رهي آهي، لاپتا شهرين جي هر ممڪن طريقي سان ڳولا ڪئي پئي وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاقي گهرو سيڪريٽري جو معافي نامو قبول ڪري ورتو، وفاقي گهرو سيڪريٽري کي 4 آگسٽ تي تفصيلي جواب سوڌو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو