جانورن کان بدتر کاڌو ملڻ خلاف پوليس جو احتجاج

سکر (جيرام داس ) ليبر ڪالونيءَ ۾ قائم ڪيل قرنطينه سينٽر ٻاهران مقرر پوليس اهلڪارن بُنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. وائرل ٿيل وڊيو ۾ اهلڪار چئي رهيا آهن ته انتظاميا پاران کين ملندڙ کاڌو جيڪڏهن جانورن کي ڏنو وڃي ته اهي به نه کائي سگهندا، هو پوليس کاتي ۾ ڀرتي ٿي ڦاسي ويا آهن. هنن وڊيو ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته قرنطينه ٻاهران مقرر ٿيل اهلڪارن جي ٽيسٽ ڪرائي وڃي ته سمورا بيمار ظاهر ٿيندا. ٻئي پاسي ايس ايس پي سکر عرفان سمون پنهنجي ئي کاتي جي اهلڪارن کي سازشي قرار ڏيندي چيو آهي ته جِن اهلڪارن جون زبردستي قرنطينه ٻاهران ڊيوٽيز لڳايون ويون آهن، اُهي اهڙيون وڊيوز ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري رهيا آهن. هـُن چيو ته ويڊيو ۾ نظر ايندڙ اهلڪار کي پنهنجي ضلعي کان ٻاهر ڊيوٽي ڪرڻ تي اعتراض آهي، جنهن کي ساٿي پوليس وارا سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، سندس ڳالهه ٻولهه کي احتجاج جو رنگ نه ڏنو وڃي. ايس ايس پي سکر چيو ته قرنطينه ٻاهران مقرر سمورن اهلڪارن کي کاڌي پيتي سميت هر سهولت ملي رهي آهي، سازشي ۽ مفاد پرست 24 ڪلاڪ ڊيوٽي ڏيندڙ 4 هزار اهلڪارن جي قربانين کي ضايع نه ڪن.اهڙن اهلڪارن کي سزا ڏني ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو