جاتي ۽ لڪي شاهه صدر وٽ روڊ حادثا، 4 فوت 14 زخمي

ڪراچي(نمائندن وٽان) جاتي ۽ لڪي شاهه صدر وٽ پيش آيل ٻن ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 14 زخمي ٿي پيا آهن. مٺي مان لياقت نهڙيو ٻڌايو آهي ته ڪراچي کان مٺي ايندڙ شهزور گاڏي جاتي چوڪ وٽ ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي جنهن سبب ٽي ڄڻا فوت ۽ تيرنهن ڄڻا زخمي ٿي پيا. شهزور ۾ واپاري مال وڪرو ڪري واپس اچي رهيا هئا ته اهو حادثو پيش آيو. فوتين ۾ مٺي جي ڳوٺ سگهروڙ واسي محمد حسن جوڻيجو غلام رحيم جوڻيجو ۽ ٻيا موجود فوتين جا لاش ڳوٺ سگهروڙ پهچا ويا سموري ڳوٺ ۾ سوڳ جي لهر ڇانيلآهي. هوڏانهن مانجهند مان مهران يوسف عمراڻي موجب لڪي شاه صدر ويجهو انڊس ها۽ وي تي لاڙڪاڻو کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ جو پويان کان موٽر سائيڪل کي ٽڪر هڻڻ جي نتيجي ۾ جهانگارا واسي 35 ورهين جو صدورو خان رند موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته غلام مصطفي رند زخمي ٿي پيو. فوتي جي لاش ۽ زخمي کي مقامي ماڻھن تعلقه اسپتال سيوهڻ منتقل ڪيو، ٿيٻاٽ پوليس جي دير سان پهچڻ سبب ڊرائيور ڪوچ سميت فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو