تيل گيس ڪمپنين ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيو

سانگھڙ (رپورٽ نادر بڙدي)تيل ۽ گئس ڪمپنين ۾ مقامي ماڻهن کي نظر انداز ڪرڻ خلاف مري اتحاد پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ۽ ڊپٽي ڪمشنر آفيس آڏو مظاهرو ڪيو ويو، ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ انور مري، مزار مري ۽ ٻين چيو ته سانگھڙ ضلعي ۾ تيل ۽ گئس جا ذخيرا دريافت ٿيا پر انھن مان سانگھڙ ضلعي کي ڪوبه فائدو ناهي ، تيل ۽ گئس ڪمپنيون مقامي ماڻهن کي نظر انداز ڪري ڌارين کي نوڪري ڏني وڃي ٿي ۽ گئس جا ذخيرا ملڻ باوجود سانگھڙ ضلعي جا ڪيترائي علائقا گئس جي سھولت کان محروم آھن، مظاهرين مطالبو ڪندي چيو ته سانگھڙ ضلعي جي ھر علائقي تائين گئس جي سھولت مھيا ڪئي وڃي ۽ ضلعي جي مقامي ماڻهن کي تيل ۽ ڪمپنين ۾ روزگار ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو