تيغو خان جي گرفتاري جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائڻ جو مطالبو

ملير(رپورٽ شهزادو مستوئي) تيغو خان تيغاڻي کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، خانپور جي ڪچي ۾ ڊي آء جي ناصر آفتاب پاران جڙتو آپريشن ڪرايو ويو، صوبائي وزير سعيد غني ڪوڙي آپريشن جو اعتراف ڪيو آهي، سردار تيغو خان تيغاڻي مٿان لڳل سهولت ڪاري جي الزامن متعلق جوڊيشل انڪوائري يا ڪنهن سٺي ساک رکندڙ آفيسر کان جاچ ڪرائي وڃي. اهڙين ڳالهين جو اظهار سردار تيغو خان تيغاڻي جي ڀاءُ مير عبدالنبي خان تيغاڻي، چيف مقدم عبدالرحمان سبزوئي، محمد سليم حاجاڻو ۽ ٻين ملير پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هنن چيو ته سردار تيغو خان تيغاڻي هڪ قانون پسند پرامن شهري ۽ انسان دوست شخص آهي. هن ڪڏهن به ڪنهن ڏوهاري جو ساٿ ناهي ڏنو پر سدائين پنهنجي راڳ ڀاڳ سان گڏ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي ڌاڙيلن سان مهاڏو اٽڪايو آهي، اهو ئي سبب آهي جو شڪارپور ۽ ڪنڌڪوٽ جي ٻن ايس ايس پيز کيس امن ايوارڊ ڏنو هو. هنن چيو ته ڊي آءِ جي ناصر آفتاب ۽ ايس ايس پي شڪارپور سعود مگسي پنهنجي ڪوتاهين کي لڪائڻ ۽ نااهلي تي پردو ڏيڻ لاءِ ڊرامو رچايو آهي، پوليس جي نااهلي سبب ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ ٻه پوليس اهلڪار ۽ هڪ فوٽو گرافر شهيد ٿيو آهي، جن جو ڪيس ڊي آء جي ناصر آفتاب ۽ اڳوڻي ايس ايس پي سعود مگسي خلاف داخل ڪيو وڃي. هنن چيو ته اسين چيف جسٽس، آء جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪريون ٿا ته سردار تيغو خان تيغاڻي جي گرفتاري جي جاچ ڪنهن ايماندار آفيسر يا جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ اصل ڏوهارين خلاف ڀرپور ڪاروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو