تيغاڻي ۽ بجاراڻي ڌرين ۾ جهيڙو، نينگري قتل، علائقي ۾ خوف

غوثپور (عبدالنبي ملڪ) غوثپور لڳ ڪرمپور  ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڪچي جي ڳوٺ مھراڻ بجاراڻي ۽ ڳڙھي تيغو ۾ تيغاڻي ۽ بجاراڻي تڪرار تان جھيڙو، گوليون لڳڻ سبب 10 ورهين جي ننيگر ي تنھيلا  ملڪ قتل ٿي وئي. ڌريون مورچابند فائرنگ  ھلندڙ راڪيٽ لانچر به  فائر  علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙيل آهي.  اطلاع باوجود پوليس نه پهتي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو  فوتي نينگري جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ خانپور اسپتال آندو ويو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو . تڪرار جي خاتمي لاء سردارن توڙي انتظاميا جي خاموشي سبب بي گناهه نياڻيون توڙي ماڻھو قتل ٿين ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو