تنقيد براءِ تنقيد قبول ناهي، هر محاذ تي دفاع لاءِ تيار آهيون، باجوا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آرمي چيف چيو آهي ته شهيد قوم جو فخر آهن، اسين هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، دشمن آزمائڻ چاهي ته ڪنهن به محاذ تي هر وقت تيار آهيون. جي ايڇ ڪيو ۾ يوم دفاع ۽ شهيدن جي ڏينهن جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته دنيا جي ڪا به فوج قوم جي مدد کانسواءِ ڪجهه نٿي ڪري سگهي ۽ ان جو تازو مثال پاڙيسري ملڪ ۾ موجود آهي. هن افغانستان جو نال کڻڻ کانسواءِ چيو ته سندن فوج واري جو ڍير ثابت ٿي. هن چيو ته دشمن هاڻي ٽيڪنالوجي ۽ ڪميونيڪيشن جي محاذن تي به جنگ ڪري پيو جنهن کي ففٿ جنريشن يا هائبرڊ جنگ به چون ٿا. هن چيو ته اسانجي ملڪ جا ڪجهه ماڻهو دشمن جي پروپيگنڊو جو حصو بڻجن ٿا. مان واضح ٿو ڪريان ته تنقيد براءِ تنقيد قبول ناهي. هن چيو ته هاڻي انتهاپسندي ، شدت پسندي نه هلندي، ڪو به فرد يا گروهه مذهب يا قوميت جي نالي ۾ رياست کي بليڪ ميل نٿو ڪري سگهي، ڪو هٿيار بند گروهه قبول ناهي، طاقت جو استعمال رياستي ادارن جو اختيار آهي، اسين آئين ۽ قانون موجب انصاف تي ٻڌل معاشرو قائم ڪرڻ چاهيون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو