ترڪي ۽ يونان ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ 26 ٿي ويو

انقره(ويب ڊيسڪ)ترڪي ۽ يونان ۾ آيل زلزلي سبب مرندڙن جو انگ 26 ٿي ويو آهي جڏهن ته سوين ماڻهو زخمي ٿيا آهن. جمعي تي آيل طاقتور زلزلي سبب ڪيتريون عمارتون واري جي دڙي جيان ڪر ي پٽ پيون ۽ شڪ آهي ته ڪيترائي ماڻهو اڃا به ملبي هيٺان دٻيل آهين. زلزلي بعد هلڪي درجي جوسونامي به آيو جنهن سبب ڪيترائي گهر پاڻي ٻڏي ۾ ويا. زلزلي ۽ سونامي بعد ماڻهو گهر ڇڏي خوف وچان محفوظ جاين ڏانهن ڀڄندا رهيا. ابتدائي اطلاعن موجب 2 هزار کان مٿي ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. ترڪي جي ايجين ڪوسٽ ۽ يونان جي سيموس ٻيٽ ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا جمعي تي شام جو شروع ٿي ويا هئا. امريڪي زميني سروي واري اداري موجب ترڪي جي اولهائين صوبي ازمير کان 17 ڪلوميٽر پري زلزلو آيو جنهن جي ريڪٽر اسڪيل تي شدت 7 رڪارڊ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ترڪي جو چوڻ آهي ته زلزلي جي شدت هنن وٽ 6.6 رڪارڊ ٿي آهي. زلزلي جا جهٽڪا استنبول ۽ اٿينس ۾ به محسوس ڪيا ويا. سڀ کان وڌيڪ تباهي ترڪي جي 30 لک آبادي واري صوبي ازمير ۾ آئي آهي. ياد رهي ته ترڪي جي ڪل آبادي 8 ڪروڙ 40 لک جي لڳ ڀڳ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو