تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو سربراهه خادم حسين رضوي وفات ڪري ويو

لاهور)ويب ڊيسڪ)تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو سربراهه خادم حسين رضوي انتقال ڪري ويو آهي.خانداني ذريعن تصديق ڪئي ته خادم حسين رضوي گذريل ڪجهه ڏينهن کان بخار ۾ مبتلا  هو ۽ اڄ فوت ٿي ويو آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد پڻ خادم حسين رضوي جي وفات جي تصديق ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ خادم حسين رضوي کي جنت ۾ جاءِ عطا فرمائي ان جي درجات بلند عطا فرمائي سندس گهرڀاتين ۽ لواحقين کي صبر جميل عطا فرمائي. خادم حسين رضوي جو تعلق اٽڪ ضلعي سان هو .هي 22 جون 1966 تي ناڪي ٽاٽ ۾ پيدا ٿيو.خادم حسين رضوي جهلم ۽ مدينه مدرسن مان حفظ ۽ تدابير جي تعليم ورتي ۽ جامعه نظاميا رضويا لاهور مان پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي. پاڪستان علماء ڪائونسل جي سربراهه علامه طاهر محمود اشرفي علامه خادم حسين رضوي جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪندي هن جي موت  افسوس ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو