تاريخي ماڳن تي ڪتا پيا گهمن، حفاظت ڪريو، چيف جسٽس

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)چيف جسٽس آف پاڪستان گلزار احمد سنڌ ۾ تاريخي ماڳن ۽ ثقافتي اهميت وارين عمارتن جي سار سنڀال نه لهڻ تي سخت ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو آهي ته موهن جو دڙو کي دنيا ۾ ڪير ٿو پڇي، موهن جو دڙو، مڪلي ۽ ٻين ماڳن تي ڪتا گهمي رهيا آهن ۽ ماڻهو آڳاٽن ماڳن جون سرون به کڻي وڃن ٿا. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ هندو جيم خانو خالي ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ سيڪريٽري ڪلچر سنڌ، ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻيا پيش ٿيا. چيف جسٽس ثقافتي ماڳن جي درست سار سنڀال نه ٿيڻ تي ثقافت کاتي جي سيڪريٽري تي ڪاوڙ ڪندي کيس ڇنڊ پٽي. عدالت چيو ته عبادت واري هر جڳهه جو احترام ڪريون ٿا، هندو جيم خانا جي ثقافتي حيثيت کي ڪو به نقصان نه پهچڻ گهرجي، هن عمارت کي اصل حالت ۾ بحال رکيو وڃي. ناپا کي هلائڻ وارا به پڙهيل لکيل آهن، ثقافتي عمارت جو تحفظ يقيني بڻائيندا. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇيو ته ڪراچي جو ڪمشنر ڪٿي آهي؟ جنهن تي ڪمشنر ڪراچي پيش ٿيو. چيف جسٽس ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته توهان کي صبح جو پيش ٿيڻ لاءِ چيو ويو، توهان ڇو نه آيا. عدالت پاران ڪاوڙ جي اظهار تي ڪمشنر ڪراچي معذرت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو