بگن ڪلادي ڳوٺ جي ٽيم والي بال ٽورنامنٽ کٽي ورتو

عادلپور (اسلم آزاد)  ڳوٺ ڌاماجي ۾ نوجوان سنگت جي اڳواڻن شڪور مهر شفيق احمد، محب مهر ۽ ٻين پاران منعقد ڪرايل پنجن ڏينهن واري والي بال ٽورنامينٽ جو فائنل اظھرعلي مهر ۽ ڳوٺ سردار بگن خان ڪلادي جي ٽيمن جي وچ ۾ ٿيو. جنهن ۾ سردار بگن خان ڪلادي جي ڳوٺ جي ٽيم پاران 20 پوائنٽ حاصل ڪندي اظھر علي مهر ٽيم کي 1 پوائنٽ تان هارائي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي. جڏهن تہ مئچ جي فائنل تقريب جي مهمان خاص استاد علي نواز مهر لالا قطب الدين مهر  مسرت مهر، غلام حسين مهر، سعيد احمد مهر شاھ سرور هئا جڏهن تہ ونر ٽيم جي ڪپتان شوڪت علي ڪلادي کي ٽرافي پڻ ڏني وئي. ونر ٽيم ۽ هارائيندڙ ٽيم جي رانديگرن کي ميڊل پڻ پارايا ويا جڏهن تہ ٽورنامينٽ جي فائنل کي ڏسڻ لاء علاقي واسين سوين تعداد ۾ پڻ شرڪت ڪئي رانديگرن کي داد ڏيڻ سميت روڪ انعام پڻ ڏيندا رهيا. رانديگرن چيو ته اسين راندين واري صوبائي صلاحڪار بنگل خان مهر کان مطالبو ٿا ڪريون تہ گهوٽڪي ضلعي اندر هن قسم جا ايونٽ ڪرايا وڃن تہ جيئن هتان جا نوجوان بہ راندين جي ميدان ۾ اڳتي اچي گهوٽڪي ضلعو جو نالو روشن ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو