بٺوري جا مزدور روڊ حادثي سبب حب چوڪي ۾ فوت

ميرپوربٺورو (ن سنڌيار)ڳوٺ نور محمد خاصخيلي جا رهواسي ڪوئيٽا مزدوري سانگي ويل هئا جيڪي گذريل رات دير سان پنهنجي ڳوٺ اچي رهيا هئا ته حب چوڪي وٽ سندن گاڏي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي  نتيجي ۾ 2 ڄڻا حسين ملاح ۽ غلام پکالي موقعي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ بصر خاصخيلي، عيسو کڏائي ۽ ارباب کڏائي شامل آهن. فوتين جا لاش اڄ ميرپور بٺورو ويجهو ڳوٺ نور محمد خاصخيلي آندا ويا، لاش گهر پهچڻ تي فوتين جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، ڳوٺ ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانئجي ويو. جنازي نماز بعد سندن تدفين ڪئي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو