بي نامي اڪائونٽس هولڊرز خلاف گھيرو تنگ

اسلام آباد (رپورٽر)حڪومت بي نامي اڪائونٽس ايڪٽ 2019ع لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت ايف بي آر کي بي نامي اڪائونٽس مان رقم ضبط ڪرڻ جو اختيار ملي ويو آهي. ايف بي آر پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، بي نامي اڪائونٽس ايڪٽ 2019ع لاڳو ٿي چڪو آهي.نوٽيفڪيشن موجب، بي نامي اڪائونٽس معاملي جي ٻڌڻي لاءِ ٽربيونلز به قائم ڪيا ويا آهن، 20 کان 50 لک رپين جي اڪائونٽس جي ڄاڻ ڏيندڙ کي 4 سيڪڙو رقم ڏني ويندي. واضح رهي ته وزير اعظم عمران خان 2 هفتا اڳ ايڪٽ لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. هي ايڪٽ فوري طور تي لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ هن قانون تحت جلد نوٽيس جاري ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو