بيٽري وڌ کان وڌ ڪيئن هلائجي؟ سمارٽ فون جي بهتر استعمال لاءِ ٽپس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي جي ڊيٽا موجب ملڪ ۾ موبائل فون استعمال ڪندڙن جو انگ پندره ڪروڙ کان مٿي ٿي ويو آهي. سمارٽ موبائل فونز ۾ ڪافي فنڪشن آهن جيڪي اڪثر استعمال ڪندڙ انهن کان واقف ئي ناهن. اوهان سان ننڍا ننڍا ٽپس شيئر ڪريون ٿا. اڪثر صارف آٽو روٽيٽ بٽڻ آن رکندا آهن پر اها خبر گهٽ ماڻهن کي آهي ته ان سان بيٽري جلد ختم ٿي ويندي آهي. ڇوته ان سان خصوخي سينسر ايڪسلوميٽر آن ٿيندو آهي جيڪو بيٽري جي جلد ختم ٿي ويندي آهي، ان ڪري جنهن مهل ضرورت هجي ته آٽو روٽيٽ بٽڻ آن ڪيو ۽ استعمال بعد بند ڪري ڇڏيو. چارجنگ دوران فون استعمال نه ڪريو، هڪ ته ان سان بيٽري جلد چارج ٿيندي ٻيو ته چارجنگ دوران فون گرم هوندي آهي ۽ اها گرمائش ڪنن جي ٻڌڻ جي صلاحيت کي متاثر ڪندي آهي. جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته فون جي بيٽري جلد چارج ٿئي ته چارجنگ وقت ايروپلين موڊ آن ڪيو. هونئن ته جديد سمارٽ فونز ۾ فاسٽ چارجنگ جو اوزار به هوندو آهي پر ايروپلين موڊ آن ٿيڻ سان چارجنگ اڃا وڌيڪ تيز ٿئي ٿي. فوٽو ڪڍڻ وقت خاص ڪري سيلفي ٺاهڻ دوران فوٽو ڪڍڻ واري بٽڻ جو استعمال ڏکيو هوندو آهي ۽ ڪنهن مهل فون هٿ مان ڪرڻ جو به انديشو هوندو آهي ان ڪري ڪيمرا جي فوٽو ڪڍڻ واري بٽڻ بدران فون جو آواز گهٽ وڌ ڪرڻ واري بٽڻ سان بو فوٽو ڪڍي سگهجي ٿو. ڪيمرا جي فوٽو ڪڍڻ واري بٽڻ کي ڪجهه سيڪنڊ سٻائي رکڻ سان ڪيترائي فوٽو نڪري ويندا آهن ۽ اوهين بعد ۾ پسند جا فوٽو رکي باقي ڊليٽ ڪري سگهو ٿا. ويڊيو يا آڊيو رڪارڊنگ مهل مائيڪ جي بٽڻ تي هٿ رکي آس پاس جي شور کان بچي اگهجي ٿو. اڪثر ماڻهون وال پيپر استعمال ڪن ٿا، ان سان به بيٽري جلد ختم ٿيندي آهي. اوهان بليڪ وال پيپر بيڪ گرائونڊ ۾ رکندا ته اهو مسئلو حل ٿي ويندو. الارام جوڪڏهن ڪڏهن آواز گهٽ هوندو آهي ۽ اڪثر ماڻهن کي جاڳ ناهي ٿيندي پر جيڪڏهن فون کي ڪنهن مڳ وغيره ۾ رکندا ته ان جو آواز خود بخود وڌي ويندو. آخري ڳالهه ته فون کي ري اسٽارٽ ڪرڻ جي عادت وجهو، هفتي ۾ ٽي ڍار ڀيرا لازمي طور فون ري اسٽارٽ ڪريو ان سان فون ۽ استعمال ٿيندڙ ايپليڪيشنز جي اسپيڊ بهتر ٿيندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو