بيواهه جي پينشن جا پئسا هڙپ ڪندڙ يو سي چيئرمن لاڪ اپ

سيٺارجا(سجاد علي ڪٻر) ٺري ميرواهه جي عدالت پينشن جا پئسا کائڻ تي يوسي چيئرمين کي هٿڪڙيون لڳرائي ٻن ڪلاڪن تائين جيل ۾ بند ڪرائي ڇڏيو. يوسي چيئرمين عثمان ويسر کي بيواه  عورت کي ماهوار پنج هزار رُوپيا قسط ڏئي ڦٻايل پئسا واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ مسمات شبانه سنجراڻي جي درخواست تي حڪم جاري ڪيو. جنهن ۾ هُن موقف اختيار ڪيو هو ته سندس مڙس غلام محمد سنجراڻي جي پينشن جا پئسا هڪ لک 83 هزار رُوپيا هئا، جِن مان کيس 60 هزار رُوپيا ڏنا ويا آهن باقي پئسا يوسي ميهر ويسر جو چيئرمين ۽ يوسي سيڪريٽري کائي ويا. ٻڌڻي دوران يوسي ميهر ويسر جو چيئرمين عثمان ويسر به عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ پئسا هڙپ ڪرڻ جي حوالي سان پُڇاڻي تي هو عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو. عدالت يوسي چيئرمين کي هٿڪڙيون لڳائي ٻن ڪلاڪن تائين جيل ۾ بند ڪرڻ جو ڪم ڏنو. پوليس ٻن ڪلاڪن تائين جيل ۾ بند ڪرڻ کانپوءِ يوسي چيئرمين عثمان ويسر کي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو.عدالت يوسي ميهر ويسر جو اڪائونٽ منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي يوسي چيئرمين کي حڪم ڏنو ته هو بيواه عورت کي هر مهيني پنج پنج هزار رُوپيا ادا ڪري ڦٻايل پئسا واپس ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو