مورو/ محرابپور(نمائندن وٽان) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هيٺ غريب عورتن کي ملندڙ وظيفي جي بايوميٽرڪ ڪرڻ وارو عملو ڪرپشن ڪهرن ۾ ڪٿي ٽوڪن جي نالي، ڪٿي پرچي جي اوٽ ۾ بي پهچ عورتون جيڪي مختلف ڳوٺن کان اچن ٿيون تن کي سڄو ڏينهن چڪر ڪاٽرايا وڃن ٿا.
مورو مان مورائي اياز سولنگي موجب عورتن کان بايوميٽرڪ ڪرڻ جا پيسا ورتا پيا وڃن جيڪي غريب بي پهچ عورتون رشوت نه ٿيون ڏين انهن جي بايوميٽرڪ نه ٿي ڪئي وڃي، بايوميٽرڪ وارو عملو پنهنجا ڇاڙتا گهرائي عورتن تي تشدد ڪرائي تذليل ڪئي پئي وڃي. سخت گرمي ۽ روزيدار عورتن کي سڄو ڏينھن گرمي ۾ بيھاريو وڃي ٿو اهڙي عمل خلاف متاثر عورتن مسمات عربي، مسمات نجما، مسمات زينب ۽ ٻين احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته بايوميٽرڪ ڪرڻ جي آڙ ۾ اسان سان اهڙو ظلم زيادتي ۽ تذليل ٿي رهي آھي. هوڏانهن محرابپور مان محمد اسلم نانگور موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا وٺڻ لاءِ آيل عورتن کي مختلف
بهانا بنائي تنگ ڪيو وڃي ٿو. هڪ پاسي بئنڪ وارا اي ٽي ايم مشين بند ڪري ٿا ڇڏين ته ڪٿي پوليس قطار ٺاهڻ ۽ رشوت ڏيندڙن کي اڳ ۾ بيهارڻ جا پئسا ٿا وٺن. سخت گرمي سبب عورتن جي پيهه سبب ڪجهه عورتون بيهوش ٿي ويون. ڇائو جو بندوبست نه پاڻي جو بندو بست ۔ محرابپور پوليس اهلڪار عيد خرچي جي نالي غريب عورتن کان 300 روپيا في ڪارڊ تي اوڳاڙين ٿا. متاثره عورتن بينظير انڪم سپورٽ جي اعلي اختيارين ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آھي ته رشوت خوري بند ڪرائي وڃي ۽ غريب يتيم عورتن کا ڦر مار بند ڪرائين.