بيماري سبب 6 ٻڪريون مري ويون، ڊاڪٽر گم

سنڌڙي (ن س) ڳوٺ حاجي حسين رونجھو ۾ چوپائي مال ۾ پرسرار بيماري خطرناڪ حد تائين پکڙجي وئي ڀاڳي گھوگھو رونجھو، بچو رونجھو جون ھڪ ئي رات ۾ 6 ٻڪريون مري ويون، ڳوٺاڻن دانھيندي چيو ته بيماري جي ڪري 24 ٻڪريون مري چڪيون آھن ڦلھڏيون واري اسپتال ۾ ڊاڪٽر يوسف نوھڙي ويھڻ لاءِ تيار ناھي روز اسانجو مال مري پيو ھنن سرڪار کان مطالبو ڪيو آھي ته ڊاڪٽر خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ کيس ڊيوٽي لاءِ پابند ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو