بهلڪاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو9 ڄڻا زخمي

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ امداد بنگوار) ڪنڌ ڪوٽ چمني لڳ، ڳوٺ چنيھ بهلڪاڻي ۾ بهلڪاڻي برادري جو معمولي ڳالھ تان پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو.ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد اندر بهلڪاڻي برادي جو پاڻ ۾ جهيڙو لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٻئي ڌريون رتو رت.ذريعن موجب  معلوم ٿيو آهي ته ننڍن ٻارن جي راند روند دوران وڙهڻ واري معمولي ڳالھ تان بهلڪاڻي برادري جو جهيڙو ٿي پيو جهيڙي دوران لٺين ۽ ڪهاڙين لڳڻ سبب، نصرالله ، رحمت الله، غلام حيدر، لياقت علي ، عبدالرحمان سميت 9 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن، زخمين کي سول اسپتال ڪنڌڪوٽ اندو ويو،زخمين ۾ نصرالله بهلڪاڻي جي حالت گڻتي جوڳي هجڻ سبب لاڙڪاڻي کڻائي ويا آهن، ٻنهي ڌرين پوليس اسٽيش بي سيڪشن ڪنڌڪوٽ ۾ اين۔سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو