بن قاسم جي علائقن ۾ ھر طرف ڪچري ۽ گندگي جا ڍير

ملير ( ڊر ) گندگي جي ڍير ھجڻ ڪري شاھنواز ڳوٺ پپري ۾ سامان سان ڀريل مزدا ڪلٽي بن قاسم ٽائون جي ننڍن وڏن علائقن ۾ ھر طرف ڪچري ۽ گندگي جا ڍير ڪراچي جي ملير وارا علائقا گلشن حديد ـ شاھ ٽائون ـ پپري ـ شاھنواز ڳوٺ ـ علي محمد ڳوٺ ـ گھگھر  ڦاٽڪ ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ ھر طرف گندگي ۽ ڪچري جا ڍير لڳي ويا گندگي جي ڍير لڳڻ ڪري رستن جي خبر نـ پوڻ ڪري سامان سان ڀريل مزدا ڪلٽي ٿي پئي آئيروز ڪو نـ ڪو حادثو ٿيندو رهي ٿو  ۽ ملير ضلع انتظاميا اگھور ننڊ ۾ ستل آهي  ان گندگي جي ڪري علائقن ۾ مختلف بيمارين بـ جنم ورتو آهي  ملير ۾ تـ انڌھير ننگري چرٻٽ راجا وارو قانون ھلي رھيو آهي  انجينيـــٔر  آصف شاهه صاحب ۽ اياز حميد بلوچ صاحب تـ پاڻ موجن ۾ آهن پر خدارا ھڪ نظر ھنن علائقي واسين ڏانهن بـ ڪريو ھفتي ۾ ٻيو نـ پر ھڪ ڏينهن تـ صفائي سٿرائي  لا۽ مختص ڪيو صفائي نصف ايمان آهي خدارا ھڪ حديث سمجهي عمل ڪريو وڌيڪ احل علائقا واسين جو چوڻ ھو تـ اگر ٻن ڏينهن جي اندر  اسان جي محلن مان صفائي نـ ڪرائي وئي تـ اسان پنهنجي گھرن جو ڪچرو کڻي ملير جي ضلع انتظاميا جي آفيس ۾ ڦٽو ڪري احتجاج ڪنداسين ـ

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو