بند ڪيل ڪلينڪ کلي ويون، ڪميشن پاران ٻيهرڪاروائي

ڪراچي (نمائندن وٽان) هيلٿ ڪيئر ڪميشن پاران سيل ڪيل عطائي ڊاڪٽرنجي ڪلنڪس، غيرقانوني ليبارٽرين ۽ ميڊيڪل اسٽور ٻيهر کلي ويا آهن. علائقي ۾ ڪميشن تي رشوت وٺي کين اجازٽ ڏيڻ جا چوٻول، هيلٿ ڪيئرڪميشن جي نمائندن پاران ترديد ڪندي ٻيهر محدود ڪاروائي شروع ڪندي هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪيو ويو. پنو عاقل مان سنتوش ڪمار موجب هيلٿ ڪيئر ڪميشن ٽيم جي ڊپٽي ڊائريڪٽر صائمه ميمڻ ۽ ٻين آفيسرن پاران هڪ ڀيرو ٻيهر غيرقانوني ۽ عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪون ۽ ليبارٽين تي ڇاپا هڻي 5 کان وڌيڪ غيرقانوني ليبارٽيون ۽ ڪلينڪون سيل ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته ذريعن موجب هيلٿ ڪيئر ڪميشن ٽيم پاران پهريون دفعو جڏهن ڇاپا هڻي ڪلينڪون سيل ڪيون ويون هيون ته ڪميشن مبينا طور ايجنٽن ذريعي رشوت وٺي ڪجهه سيل ڪيل غيرقانوني ڪلينڪون ۽ ليبارٽيون کولرايون هيون، جن خلاف خميس تي ٻيهر ڪاروائي ڪندي 5 ڪلنڪ سيل ڪيون ويون. هڪ ڪلينڪ مالڪ ۽ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ٽيم جي وچ ۾ تلخ ڪلامي ٿيڻ بعد ڪلينڪ مالڪ  کي پوليس هٿان گرفتار ڪرايو ويو آهي، ٻي پاسي هيلٿ ڪيئر ڪميشن ٽيم جي عملدارن جو چوڻ هو ته اسان جي ڪنهن به ملازم سيل ڪيل ڪلينڪون ناهن کولرايون الزام بي بنياد آهن هنن چيو ته ڪنهن به بنياد تي غيرقانوني ڪلينڪون ۽ ليبارٽيون هلائيندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو. هوڏانهن ٺڪراٺو مان حضرت گل پٺاڻ موجب هيلٿ ڪيئر ڪميشن پاران سيل ڪيل ڪلينڪ ۽ غيرقانوني ليبارٽريون ٻيهر کلي ويون آهن ۽ سندن خلاف اڃا ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي وئي. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪميشن پاران ڇاپو هڻي شھر ۾ 9 عطائي ڊاڪٽرن جون اسپتالون سيل ڪري مبارڪپور پوليس ۽ ڊاڪٽرن کي ليٽر ڏنا ويا هئا، عطائي ڊاڪٽرن ٽيم جي ويندي ئي پنهنجي اسپتالن ٻاهران ويهي پنهنجي ڪاروبار جاري ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آ  ته هڪ عيرقانوني ميڊيڪل اسٽور جي مالڪ ايجنٽ ذريعي صحت کاتي ۽ عطائي ڊاڪٽرن وچ ۾ 3 لکن عيوض سموريون اسپتالون کولڻ جي ڊيل ڪئي وئي آهي.  هوڏانهن سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ضلعي فوڪل پرسن ڊاڪٽر شير محمد چاچڙسان رابطو ڪرڻ تي ان ٻڌايو ته سيل ٿيل اسپتالن کي ڊي سيل ڪرڻ جا  اختيار صرف سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ڪراچي کي آھن، اسان انهن سمورن عطائن خلاف جلد ٻيهر قانوني ڪارروائي ڪندا سين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو