بنجر زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ ثمر بورنگ سسٽم خطرناڪ بڻجڻ لڳو

ڊرگھ بالا (محمد اسماعيل لانگاھ) ڪاڇي ۾ ورهين کان بنجر زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ کوٽيل کوهن مان پاڻي کُٽي وڃڻ کانپوءِ نئون نمونو ثمر بورنگ سسٽم متعارف ڪرائي ڪاڇي جي جر کي هٿ وٺي زهريلو ڪرڻ ۽ کُٽائڻ جا سانباها شروع  ڪري ڇڏيا. پنجاب ۾ ثمر بورنگ سسٽم تي پابندي هجڻ باوجود سنڌ خصوص ڪاڇي  جي علائقن ۾ بورنگ جي ڀرمار شروع ٿي وئي آهي پوري علائقي جي لکين ايراضين واري پکيڙ ۾ وک وک تي ثمر بورنگ ذريعي زير زمين پاڻي ڪڍي آبادين جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. هڪ طرف خوشحالي جو ڏيک نظر اچڻ لڳو ته ٻئي پاسي جر گهٽجڻ جو خطرو پڻ وڌي ويو آهي. اڌ صدي کان غير آباد زمينون آبادين هيٺ آنديون ويون آهن ته ٻئي پاسي گهريلو آبادين کي مٺي پاڻي جي ڪمي ٿيڻ جا امڪان واضح نظر اچي رهيا آهن.

ٽي ڏهاڪا پهرين ڪاڇي ۾ برساتون گهٽ پوڻ زمينن کي بنجر ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ سرڪل نموني زمين جي مٿئين سطح کان سيلاب اچڻ تائين کوھ کوٽي انهن ۾ پائيپ لائينن وسيلي بور ڪري 90 کان سئو ڏھ ڦُٽن  جو بورنگ ڪري پاڻي ڪڍيو ويندو هو جنهن کي تيل تي هلندڙ ٽيوب ويلن وسيلي آبادگار زمينون آباد ڪندا هئا پر ڪاڇي ۾ ڪُجھ سالن تائين برساتن جي گهٽ پوڻ ۽ ڏڪاري حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ زمينن ۾ کوهن هڻڻ وارو طريقو متعارف ڪرائي زمينون آباد ڪيون ويون. تيل جي قيمتن ۾ واڌ ۽ بجلي بحران  سبب ڪُجھ سالن تائين زمينون غير آباد ٿي ويون هُيون وري تازو ٽن چئن سالن اندر کوهن مان پاڻي گهٽجڻ جي خطرن کان بچڻ لاءِ زمين کي بغير کوھ کوٽڻ جي وڏي مشينري وسيلي سُڪي کان جر تائين ڊرلنگ ۽ وڏين پائيپ لائينن ثمر بورنگ کوهن وارو طريقو اختيار ڪرڻ  سان ڪاڇي جي جر جي حالت ٿوري عرصي اندر سوين ڦُٽن تائين پڻ گهٽجي وئي آهي جيڪا عام رهواسين کي مٺي پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اختيارين کي مشڪل حالتن ۾ وجهي سگهي ٿي.

ذريعن وٽان گڏ ڪيل انگ اکرن مطابق پوري ڪاڇي جي شهرن وسندين توڙي واهڻن ۾ هن وقت  15 کان 20 هزارن جي لڳ ڀڳ ثمر بورنگ هئڻ جو ٻُڌايو پيو وڃي جنهن جو 3 کان 4 سئو ڦُٽن جي مفاصلي تي لڳڻ به وڏو خطرو آھي پهريان کوھ ڪلوميٽرن جي مفاصلن تائين لڳايا ويندا هئا ۽ ثمر بورنگ هڪ ئي هنڌ ٽي ٽي بور لڳرايا پيا وڃن جنهن سان وقت گذرندي ئي گهريلو صارفين کي پاڻي جي رسائي ناممڪن بڻجي ويندي. علائقي جي سياسي، سماجي ۽ سڄاڻ ڌرين سپريم ڪورٽ، سنڌ هاءِ ڪورٽ، سيشن جج دادو ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته پنجاب جيان سنڌ ۾ ثمر بورنگ سسٽم تي فوري طور تي پابندي لاڳو ڪري ڪاڇي جو جر بچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو