بنا ڪميشن آفيسر ريگولر ڪرڻ خلاف درخواست منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)گريڊ 16 ۽ ان کان مٿي ڪانٽريڪٽي آفيسرز کي ڪميشن ٽيسٽ پاس ڪرڻ بنا پڪو ڪرڻ خلاف درخواست تي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي. عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته ڪميشن پاس ڪرڻ بنا آفيسرز کي ڪيئن پڪو ڪري سگهجي ٿو، ائين ته سڀاڻي ڪنهن کي به آفيسر بڻايو ويندو، اهو پبلڪ سروس ڪميشن پاس ڪندڙ آفيسرز سان امتيازي سلوڪ هوندو، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف داخل اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ڌُرين کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا.

پهنجو تبصرو موڪليو