بمبلي مائنر مان مليل ٻار جو لاش وارثن سڃاڻي ورتو

خانپورمھر(رپورٽ:آفتاب سيال) خانپورمهر ويجهو شاهپورمهر وٽ بمبلي مائينر مان شاهپور مهر وٽان هٿ آيل نينگر جي لاش جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي. پوليس هٿ آيل نينگر جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال آندو، جڏهن ته اطلاع ملڻ تي نينگر جي وارثن پهچي سڃاڻپ ڪئي، نينگر جي لاش جي سڃاڻپ راونتي لڳ ڳوٺ محمد پريل ڌوئو واسي 6 ورهين جي اياز پٽ مور ڌوئو طور ٿي، فوتي نينگر جي چاچي ڀاڳئي ڌوئو ٻڌايو ته گذريل ڏينهن شام جو نينگر مسو واھ ۾ لاشاري پمپ وٽ سندس ڀيڻ سان گڏ  مال چاري پيو جيڪو راند ڪندي  اوچتو ڪري پيو هو، جنهن جي اسان ڳولا ۾ هئا سين ۽ اڄ بمبلي مائينر مان نينگر جو لاش مليو، واضع رهي ته اڄ صبح جو شهرين نينگر جو لاش شاھپورمھر پل وٽ لڙهندو ڏسي ڪڍي ورتو هو، ءنينگر جو لاش ڪڍي چوڪي تي رکيو ويو هو، هوڏانهن تعلقي اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد نينگر جو مڙھ وارث کڻائي ڳوٺ روانا ٿي  ويا. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ نئين ڄاول ٻار جو به لاش بمبلي مان مليو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو