انيلا ڪيس، سوم جو 5 ڏينهن جو رمانڊ، مهيش گرفتار،اشوڪ فرار

بدين( ڊ ر) بليڪ ميلنگ سبب خود ڪشي ڪندڙ انيلا پرمارڪيس جو مک جوابدار سوم ميگهواڙ کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ اربع ڏينهن مقامي عدالت مان 5 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ورتو آهي. جڏهن ته ايف آءِ آر ۾ نامزد ٻن ٻين ملزمن مان هڪ مهيش نالي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي باقي اشوڪ جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. بدين جي ايس ايس پي حسن سردار نيازي موجب انيلا جي والد ڊڪٽر لکمڻ پرمار جي مدعيت ۾ ٽنڊو غلام علي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ٽي جوابدار نامزد ڪيا ويا آهن.

ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته منهنجي 18 سالن جي نياڻي جا فوٽو ايڊٽ ڪري کيس 6 مهينن کان بليڪ ميل ڪيو ويندو هو ۽ کانئس ماهوار 50 هزار روپيا ورتا ويندا هئا. انيلا جي مڱڻي ٿيل هئي ۽ جوابدارن سندس مڱيندي کي ايڊٽ ٿيل فوٽو موڪليا ۽ مڱڻو ٽٽي ويو. هن چيو ته سوم ميگهواڙ، مهيش ۽ اشوڪ انيلا کي بليڪ ميل ڪندا هئا. ڇوڪري خودڪشي کان اڳ ڇڏيل نوٽ ۾ لکيو آهي ته مان زندهه رهڻ چاهيان ٿي پر منهنجي زندگي زهر ڪئي وئي آهي. هوڏانهن سوم ميگهواڙ جاري ڪيل ويڊيو پيغام ۾ الزامن جو انڪار ڪندي چيو آهي ته هن کي موبائل لاءِ 25000 موڪليا هئا جنهن مان 15000 جو موبائل وٺي کيس موڪلي ۽ بقايا پئسا واپس ڪيا هئا. هن انيلا جي والد کي چيو آهي ته هو فوت ٿيل نياڻي جي قبر نه کوٽائي ۽ غلط ماڻهن کي نه ڦاسائي. واضح رهي ته انيلا آچر تي خودڪشي ڪئي هئي ۽ سومر تي کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو هو. ايس ايس پي بدين سومر تي انيلا جي والد سان تڏي تي وڃي ملاقات ڪئي هئي ۽ جوابدارن جي گرفتاري جي پڪ ڪرائي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو