بلو برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين تان جهيڙو

عادلپور  (رپورٽ اسلم مھر )   بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ اوغان بلو ۾ بلا برادري جي ٻن  ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان جھيڙو هڪ ڌر جي بااثرن جو گل حسن بلو جي گهر تي مبينا  چڙهائي ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.  اطلاع تي جھيڙي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ   لال پير  پڪٽ پوليس پھتي ان حوالي سان ھڪ ڌر جي  گل حسن بلو احتحاج ڪندي چيو ته سندس ئي برادري جي  بااثرن سان زمين جي معاملي تان جھيڙو ھلندڙ آھي ته سندس ئي براري جا بااثر منهنجي غيرموجودگي ۾ گهر تي چڙهائي ڪري ڏني ۽ گهر ڀاتين تي سخت تشدد ڪيو ھن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان لال پير پڪٽ جي پوليس اھلڪارن کي اطلاع ڏنو جنھن بعد پوليس پھتي ته بااثر مڇرجي پيا  ۽ پوليس سان به جھيڙو ڪرڻ سميت گارگند ڪندي فرار ٿي ويا  گل حسن بلو چيو اسان انتهائي غريب مسڪين آهيون اسان کي بااثرن مان خطرو آھي مطالبو ٿا ڪريو ته بااثرن  خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان سان  انصاف ڪيو وڃي ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او بي  سيڪشن ٻڌايو ته ٻنھي ڌرين ۾ جھيڙو ٿيو آھي جنھن ۾ ھڪ ڄڻو زخمي ٿيو آھي واقعي جي اين سي داخل ڪئي وئي آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو