14 ماڻهن جي قتل جي ذميواري ”براس“ قبولي ورتي، مقتول سيڪورٽي اهلڪار

اورماڙه (م ڊ) بلوجستان ڪوسٽل هاءِ وي تي نامعلوم هٿياربندن ڪراچي کان گوادر ويندڙ بسون روڪي، مسافرن جا شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري 14 ڄڻن کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا. حمله آور ايف سي جون ورديون پائي آيا هئا ۽ سندن تعداد 15 کان 20 ٻڌايو وڃي ٿو. آءِ جي بلوچستان محسن حسن بٽ جو چوڻ آهي ته واقعو رات هڪ وڳي ڌاري پيش آيو. حملوڪندڙن شناختي ڪارڊ چيڪ ڪرڻ بعد 16 مسافرن کي ڇڏي ڏنو. بلوچستان جي هوم سيڪريٽري حيدر علي جو چوڻ آهي ته هي ٽارگٽ ڪلنگ جو واقعو آهي. لاش نور بخش هوٽل مان برآمد ٿيا. جن مسافرن کي ڇڏيو ويو انهن ڪجهه فاصلي تي واقع ليويز چيڪ پوسٽ تي اطلاع ڏنو ۽ جيسين ليويز فورس پهتي ته حمله آور فرار ٿي چڪا هئا. بظاهر ائين پيو لڳي ته هي ڪاروائي پابندي مڙهيل بلوچ تنظيمن ڪئي آهي پر اڃا تائين ڪنهن ذميواري قبول ناهي ڪئي. وزيراعظم عمران خان، وزيراعليٰ بلوچستان، آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو ۽ ٻين واقعي جي مذمت ڪئي آهي. بلوچستان ۾ تعينات سيڪورٽي فورسز کي الرٽ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو