بلوچستان جا ڏوهاري پنوعاقل مان گرفتار

پنوعاقل (رپورٽ: سنتوش ڪمار) پنوعاقل جي سٽي ٿاڻي جي پوليس پاران شاگرد جي اغوا ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي چيڪنگ دوران هٿيارن سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي. سٽي پوليس موجب پير احمد سلطان لنڪ روڊ تي چيڪنگ دوران ٽن جوابدارن ثناءاللہ چانڊيو، خميسو چانڊيو۽ حڪيم بروهي کي هٿيارن سميت گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتار ٿيل جوابدارن پاران ڪجهه مهينا اڳ  پنوعاقل ۾ پڙهندڙ شاگرد اويس شر کي اغوا ڪرڻ ۾ ملوث هئا. پوليس موجب شاگرد جي وارثن ڀنگ ڀري مغوي کي بازياب ڪرايو هو. پوليس موجب ٽنهي جوابدارن جو تعلق ڊيرا مراد جمالي سان آهي ۽ مختلف ڏوهن ۾ پڻ ملوث آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو