بلاول جي شهيد شاهنواز جي مزار تي حاضري ۽ فاتحه

لاڙڪاڻو(عبدالوحيد  ابڙو )پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيد شاهنواز ڀٽو جي مزار تي پهچي سندس 35 هين ورسي جي موقعي تي ڀيٽا پيش ڪندي شهيد شاهنواز ڀٽو جي مزار تي فاتح خواني ڪئي ۽ گل نڇاور ڪيا. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد شاهنواز ڀٽو جمهوريت جي بالادستي جي لاءِ پنهنجي جان جي قرباني ڏيندي ڊڪٽيٽر جي خلاف مزاحمت جي لازوال مثال قائم ڪئي، شهيد شاهنواز ڀٽو عالمي فورمن تي پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ جي اهميت کي واضع ڪيو، پاڪستان جي جوانن لاءِ شهيد شاهنواز ڀٽو جي شخصيت هڪ آئيڊيل آهي، اڄ جيڪڏهن پاڪستان ۾ جمهوري روايتون آهن ته ان جو هڪ سبب شهيد شاهنواز ڀٽو جي قرباني به آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو