بشير خان جي ورسي، ڀيٽا لاءِ غريبن ۾ راشن تقسيم

ڪراچي (نمائندن وٽان) جسقم جي شهيد چيئرمين سنڌ جي ارڏي پٽ بشير خان قريشي جي 7 اپريل تي اٺين ورسي جون تقريبون صنعان خان جي هدايت تي ڪورونا سبب ملتوي ڪيون ويون ۽ سندس هدايت تي ڪارڪنن شهيد کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ لاڪ ڊائون سبب گهرن ۾ بند غريبن ۾ راشن ورهايو .***رتوديرو مان عطاءءُ الله بروهي موجب ڪورونا سبب ملتوي ڪيل ورسي جي باوجود سنڌ جي مختلف علائقن مان ڪارڪن پنهنجي محبوب چيئرمين شهيد بشير خان قريشي جي مزار تي پهتا ۽ حاضري ڀري گل نڇاور ڪري واپس ويا.

تقريب ملتوي ڪري رڳو مزار تي قرآن خواني ڪرائي وئي. ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي خطري سبب شھيد بابا بشير خان جي ورسي ملتوي ڪئي وئي آهي آئون جسقم جي سڀني ڪارڪنن کي هدايت ٿو ڪريان ته ورسي جي ڏهاڙي تي سنڌ جي غريبن ۽ مستحق ماروئڙن کي راشن ڏنو وڃي ۽ هن وبا کان بچاءَ جون هر ممڪن جيترو ٿي سگهي ڪوشش ڪئي وڃي جسقم چيئرمين چيو ته شام جو پنج وڳي شهيد بشير خان جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي شهر جي غريبن مسڪينن ۽ مستحقن ۾ جسقم طرفان راشن ورهايو ويو.***ڪنڊيارو مان اسدجعفري موجب جساف ۽ جسقم پاران سنڌ جي ارڏي پٽ شهيد بشير خان قريشي جي 8 ورسي جي موقعي تي تقريب ڪوٺائي رت جا ڏيئا ٻاري ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي وئي، تقريب کي خطاب ڪندي مهراڻ کوسو، تنوير سيال، شيراز ڀٽي، عامر,جي ايم بڙدي ۽ ٻين چيو ته شهيد بشير خان سنڌ جو ارڏو پٽ هو، پوري سنڌ کي شهيد بشير خان قريشي تي فخر آهي. بشير خان قريشي سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪئي، هو سنڌ سان سچي محبت ڪندڙ انسان هو، کيس ڌرتي خاطر ڪيتريون ئي تڪليفون آيون، پر هن ڪڏهن به سنڌ جي حقن تي سوديبازي نه ڪئي، بشير قريشي کي هر وقت سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جو درد هوندو هو، بشيرخان قريشي کي ڪڏهن وساري نه ٿو سگهجي. ***گهوٽڪي مان عرفان علي سومرو  موجب شهيد بشير قريشي جي اٺين ورسي جي موقعي تي جسقم  ڪارڪنن پنهنجي مدد پاڻ تحت 30 کان وڌيڪ مستحقن جي گهر وڃي بنا فوٽو سيشن جي راشن ورهايو. ضلعي صدر حبيب اللھ گھوٽو، رشيد سنڌي، ڪامريڊ اڪرم ٿھيم، وھاب سھتو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گھوٽڪي جي 30 مستحق خاندانن ۾ راشن بيگ ورهايا. هنن چيو ته شھيد وڏي جي مشن کي اڳتي کڻي نڪتا آھيون جسقم جساف ڪارڪن ھن ڏکي گھڙي ۾ سنڌي قوم سان گڏ آھن. ياد رهي ته شهيد بشير قريشي 23 مارچ 2012 تي ڪراچي ۾ سنڌين جو سمنڊ گڏ ڪري سنڌ دشمنن کي للڪاريو هو جنهن جي ٻن هفتن بعد کيس زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو هو. جنهن بعد سندس ڀاءُ مقصود قريشي ميدان تي آيو ته 2014 ۾ 20 مارچ تي کيس ”نامعلوم ويگو وارن“ اغوا ڪري سندس ساٿي شهزاد وڌو سان گڏ ڪار۾ بند ڪري گوليون هڻي گاڏي کي باهه ڏني هئي جنهن ۾ هو جيئرا سڙي ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو