بشير خان جو مشن جاري رکبو، سختين کي منهن ڏبو،صنعان

رتودیرو(عطاءاللہ بروھی) جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳوڻي چيئرمين سنڌ جي ارڏي پٽ شهيد بشير خان قريشي جي 60 هين سالگره سندس اباڻي شهر رتوديرو ۾ مزار آڏو ملهائي وئي جنهن ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سرور خشڪ امجد مهيسر ديدار شام مومن سمون اطهر سومرو عزيز الرحمان شيخ سميت ٻين مرڪزي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي شهيد بشير خان قريشي جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي سنڌ جو قومي ترانو پڙهڻ بعد سالگرهه جو 60 پائونڊن وارو ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بابا بشير خان قريشي کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي عشق جي ڏوھ ۾ شهيد ڪيو ويو اسان شهيد بابا جي سنت تي عمل ڪندي سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪري رهيا آهيون ۽ ڪندا رهنداسين ڪي به سختيون اسان کي پنهنجي مقصد تان هٽائي نه ٿيون سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو