برطرفين ۽ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاج

راڻيپور(رپورٽ حيدر علي عمراڻي)وائيس آف راڻيپور جي سڏ تي سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور ۽ وفاق طرفان سنڌي ملازمن کي نوڪرين مان برطرف ڪرڻ خلاف کيربازار کان باب دستگير گيٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاھرين پلي ڪارڊ کڻي وفاق جي ڪيل فيصلي خلاف سخت نعريبازي ڪئي . ان موقعي تي اڳواڻن ڊاڪٽر نذير کوکر، امداد لاڙڪ، ساجد مڱريو، عامر مهيسر، منٺار ڊومڪي، آصف علي ۽ ٻين ميڊيا سان  سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ افغاني پٺاڻن کي آباد ڪيو ٿو وڃي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريو ٿا ۽ وفاق جي اھڙي ڪيل فيصلي کي رد ڪريون ٿا. سنڌ عالمي يتيم خانو ناھي جو دنيا جي مختلف ملڪن مان تڙيل ماڻهو کي گهرائي سنڌ ۾ آباد ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏھن افغاني پناھگيرن کي ترسائڻو ئي آھي ته ملڪ جي ٻين صوبن ۾ ترسايو وڃي. سنڌ وڌيڪ ھاڻي ڌاري آبادڪاري برداشت نه ٿي ڪري سگهي.  ھنن وڌيڪ چيو ته وفاق طرفان سنڌي ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو آھي وفاق جي اھڙي عمل جي مذمت ڪندي اھا گهر ڪريون ٿا ته سنڌي ملازمن کي فوري طور پنهنجي نوڪرين تي بحال ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سموري سنڌ ۾ پرامن احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي. احتجاجي ريلي ۾ الفت سهتو، علي رضا سرڪي، جبران سرڪي، معروف، نويد، وحيد سميت وڏي انگ ۾ نوجوان شريڪ ھئا.

پهنجو تبصرو موڪليو