برطانيا پاران الطاف حسين تي 20 لک پائونڊ ڏنڊ

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانيا جي ٽيڪس اختيارين ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين تي 20 لک پائونڊ ڏنڊ وجهي ڇڏيو آهي. اها رقم پاڪستاني روپين ۾ 44 ڪروڙ 10 لک بڻجي ٿي. هنکي چيو ويو آهي ته اوهان برطانوي شهري آهيو ۽ 1995 کان 2020 تائين ٽيڪس ادا ناهي ڪئي، حالانڪ اوهانجي گهر جو ماهوار خرچ 50 هزار پائونڊ آهي. الطاف حسين جي وڪيلن جو چوڻ آهي ته هن جو خرچ چندي سان هلندو هو ۽ چندي تي ٽيڪس لاڳو ناهي.برطانوي اختيارين سندن اهو دليل رد ڪري ڇڏيو آهي. ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ کيس جيل وڃڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو