برسات سٽيل علائقن جي بحالي، صادق ميمڻ جو دورو

ٺٽو ( ڊر ) وزير اعليٰ سنڌ جي معذورن جي بحالي واري کاتي بابت خاص معاون صادق علي ميمڻ جو ٺٽي شھر جي مختلف علائقن جو دورو. تازو برساتن جي پوڻ ڪري ٿيل نقصان ۽ٻيھر بحالي جي ڪم جو جائزو ورتو.  ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جا مقامي اڳواڻ مرتضيٰ ميمڻ، شيراز کتري مقامي انتظاميه جا عملدارن ساڻس گڏ ھئا. وزير اعليٰ سنڌ جي خاص معاون برسات کان پيدا ٿيندڙ صورتحال ۽ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻيھر بحالي جي ڪم جو تفصيلي جائزو ورتو. ان موقع تي وزير اعليٰ جي خاص معاون صادق علي ميمڻ برسات جي پاڻيءَ جو فوري طور نيڪالي لاءِ حڪم جاري ڪيا ۽ عملدارن کي ھدايت ڪئي ته هو رليف جي ڪم م ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ئ غفلت کان پاسو ڪن. ھن عوام کي يقين ڏياريندي چيو ته  سنڌ حڪومت ھن مشڪل گهڙي ۾ عوام کي اڪيلو ھر گز نه ڇڏيندي. صادق علي ميمڻ  چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽  وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي خاص ھدايتن تي اسان عوام جي خدمت لاءِ ھر وقت حاضر آهيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو