بدين جي واهن ۾ پاڻي جي کوٽ، آبادگارن جو احتجاج

ٽنڊوباگو (ڄام سھيل سمون ) بدين بچايو ڪميٽي پاران ڦليلي ڪئنال مان نڪرندڙ تلهار سب ڊويزن جي نصير واهه، لنڊو واهه، احسان واهه ، نصير ڊائون، ماڻڪ واھ، جمالي مائينر، سلطاني واهه، ڏاڏاهه شاخ ۽ ٻهرو شاخ سميت اڪثر واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، علي پور ۽ 30 هون ميل تي لڳل دڪا هٽائڻ ۽ فلڊ ڪئنالن کي بند ڪرڻ لاءِ ٽنڊوباگو ۾ بدين بچايو ڪميٽي جي اڳواڻن مير نور احمد ٽالپر ،خدا ڏنو شاه، عزيز ڏيرو، الهبچايو راهوڪڙو ۽ سيد قمبر علي شاه جي اڳواڻي ۾ آبادگارن ۽ هارين جي وڏي تعداد نيشنل بينڪ ٽنڊوباگو کان ريلي ڪڍي باگي واھ جي پل تي ڌرڻو هنيو ۽ ان بعد پريس ڪلب چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو