بدنام ڌاڙيل رسولو سيلرو گرفتار

قمبر (ن س) قمبر شهداد ڪوٽ پوليس مبينا مقابلي ۾ 5 لک انعام رکيل ڌاڙيل رسول بخش عرف رسولو سيلرو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڪامران نواز پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پوليس رات دير سان معمول موجب گشت ڪري رهي هئي ته ميرو خان روڊ تي ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڌاڙيلن جي ٽولي سان مقابلو ٿيو. جنهن دوران 5 لک انعام رکيل ڌاڙيل رسولو سيلرو کي گرفتار ڪري وٽانئس ڪلاشنڪوف هٿ ڪئي آهي.ايس ايس پي چيو ته ڌاڙيل رسول بخش 2012ع ۾ شهدادڪوٽ روڊ تي قائم پوليس پڪٽ تي حملو ڪيو، جنهن ۾ پوليس اهلڪار ذڪاءُ الله گهانگهرو شهيد ٿي ويو هو. پوليس آفيسر موجب گرفتار ڌاريل مٿان ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي اغوا، ڦر ۽ ڌاڙن جا ڪيس داخل ٿيل آهن. ايس ايس پي قمبر رسولو سيلرو کي گرفتار ڪندڙ پوليس پارٽي کي 20 هزار رُپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو