بخشاپور ۾ ڪارنهن تان ٻٽو قتل، تنگواڻي ۾ باجڪڻاين جو ڪارنهن تان جهيڙو

ڪنڌڪوٽ( ڊ ر) بخشاپور ويجھو آر ڊي 109 ٿاڻي جي حد ڳوٺ ولايت خان جکراڻي ۾ ڪارنهن الزام ۾ جوابدار ٻٽو قتل ڪري فرار ٿي ويو. جوابدار شير محمد جکراڻي ڪارنھن الزام ھيٺ پنھنجي نوجوان 30 سالن جي گھر واري کي  ڪاتن جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو  ۽  30 سالن جي نوجوان نور محمد جکراڻي کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري،  جوابدار پنھجو گھر خالي ڪري فرار ٿي ويو. اطلاع کان بعد حد آر ڊي 109 پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتولن جي لاش پنھجي تحويل ۾ وٺي بخشاپور اسپتال آندو، جتي لاشن جا پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيا. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو. هوڏانهن هڪ ٻئي واقعي ۾ تنگواڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ معصوم شاھ ۾ ڪارنهن تڪرار تان باجڪاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين جي ماڻهن لٺين جو آزادانه استعمال ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ اميد علي، عبدالفهيم، بخت علي سميت چار ڄڻا زخمي ٿيا. زخمين کي اسپتال نيو. آخري اطلاع تائين جهيڙي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو