بخشاپور۾ ڪارنهن تان قتل،ٻڏل جو لاش هٿ، ڪنب ۾ خودڪشي

ڪراچي (نمائندن وٽان) بخشا پور ۾ ڪارنهن الزام تان هڪ نوجوان کي قتل ڪيو ويو جڏهن ته ڪنب ۾ گهرو اڻبڻت تان نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي. بخشاپور لڳ گبلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ سومر گولو ۾ گولا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ڪارو ڪاري جي معاملي تان جھيڙو ٿي پيو،

ٻنهي ڌرين جي ماڻهن ھڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪئي گوليون لڳڻ سبب ھڪ نوجوان عبدالفتح گولو فوت ٿي ويو. ٻنهي ڌرين جا ماڻهو مورچا بند ٿي ويا آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. هوڏانهن بخشاپور ويجهو ٻه ڏينهن پهريان ڳوٺ نورنگ پور جي رهواسي 20 ورهين جي نوجوان عيدن لاشاري گهريلو اڻبڻت تان ڳوٺ اڳيان وهندڙ شاهي واهه ۾ ٽپو ڏيئي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو هو.

ڀاء کي بچائڻ لاء ٽپو ڏيندڙ ننڊي ڀاء بڊو لاشاري کي ڳوٺاڻن بچائي ورتو هو جڏهن ته ٻڏي فوت ٿي ويل 20 سالن جي نوجوان عيدن لاشاري جا وارث ۽ علائقي واسي پنهنجي مدد پاڻ نوجوان جي لاش جي ڳولا ڪندا رهيا، ضلعي انتظاميان جو ڪو به عملدار نه آيو، مسلسل 30 ڪلاڪن جي ڳولا بعد نوجوان جو لاش لڌو. ٻئي پاسي ڪنب لڳ ڳوٺ دريا خان ڳاهو ۾ گهرو اڻبڻت تان 32 سالا نوجوان  دين حسين ولد زوار وڌڻ حسين ڳاهو پاڻ مٿان پسٽل  جا فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي. اطلاع تي ڪنب پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي تعلقه اسپتال ڪوٽڏيجي مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو