بحريه ٽائون واقعي جي جلد ٻڌڻي بابت درخواست رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بحريه ٽائون واقعي جي عدالتي جاچ لاءِ درخواست تي جلد ٻڌڻي بابت درخواست رد ڪري ڇڏي، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ سجاد چانڊيو پنهنجي درخواست تي جلد ٻڌڻي ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ هڪ ٻي درخواست داخل ڪئي هئي، درخواست ۾سجاد چانڊيو موقف اختيار ڪيو آهي ته آئون سنڌ بار ڪائونسل جو وڪيل آهيان، سنڌي وسندين تي قبضي خلاف بحريه ٽائون اڳيان ڌرڻي بعد داخل دهشتگردي جي ڪيسز ۾ مون کي به جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، بحريه ٽائون واقعي ۾ پيپلز پارٽي ملوث آهي، اسان کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، عدالت درخواست تي فوري ٻڌڻي واري استدعا رد ڪندي درخواستگذار کي هدايت ڪئي ته توهان درخواست ۾ ارجنسي لڳائي ڇڏيو، سڀاڻي تائين ٻڌڻي ٿي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو