بحريا ڀڃ ڊاهه ڪيس مان 53 وڌيڪ ڪارڪن آزاد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بحريا ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ قيد 53 وڌيڪ ڪارڪن جمعي تي  آزاد ٿي ويا. هن مهل تائين صنعان خان قريشي سميت 81 ڪارڪن آزاد ٿيا آهن پر اڃا به زيشاهه سميت 84ڪارڪن جيل ۾ آهن. اهڙو اظهار ڪارڪنن جي ضمانت لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪندڙ ايڊووڪيٽ محد خان شيخ سنڌيار سان ڳالهائيندي ڪيو. هن ٻڌايو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امير علي مهيسر ماني جو وقفو ڪرڻ بنا شام دير تائين رليز آرڊر جاري ڪندو رهيو. عدالتي عملو گهٽ هئڻ سبب سنڌي وڪيلن همت ڪري سندن هٿ ونڊايو. عزيزشيخ، آصف مگسي، مولا بخش نوحاڻي، يونس تالپر ۽ دانش ترڪ سميت 53 قومي ڪارڪن آزد ٿيا. سندن جي ضمانت لاءِ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪن خير محمد مگسي 40 ۽ ذوالفقار جمالي پاران 13 ڪارڪن جي ضمانت لاءِ پنهنجي ملڪيتن جا ڪاغذ جمع ڪرايا. ڪجهه دوستن جي ضمانت لاءِ جمع ڪرايل سيونگ سرٽيفڪيٽس جي تصدي ايڊووڪيٽ نعيم قريشي جيڪو ڪراچي بار جو صدر آهي، تنهن ڪئي. هن ڪيس ۾ ڪارڪنن جو وڪيل اسد شاهه راشدي آهي، جنهن جي نوجوانن وڪيلن مدد ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو