بجلي ڪٽڻ خلاف احتجاج، رشوت جا الزام

ڪشمور (جي ايم کوسو)سيپڪو لائين مينن جي زيادتين ۽ عيد گاھ محلي ۾ لاشاري برادري جي گهرن جي بجلي ڪاٽڻ خلاف لاشاري برادري جي عورتن, معصوم ٻارڙن ۽ مردن پاران ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو, ان موقعي تي امير بخش لاشاري, محراب لاشاري, مسمات سومري ۽ مسمات شڪيلا لاشاري جو چوڻ هو ته هڪ پاسي ڪرونا وائرس سبب مسلسل ڪيترن مهينن کان لاڪ ڊائون جي ڪري بيروزگار ٿيل آهيون ته وري سخت گرمي ۾ سيپڪو پاران ڪيترائي ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي, ۽ اڄ سيپڪو ايل ايس نثار جکراڻي ۽ لائين مين قربان باجڪاڻي خانگي  لائين مين ساڻ ڪري اسان جون بجلي جون لائينون ڪاٽي ويا آهن ۽ احتجاج ڪرڻ تي اسان جي ماڻهن کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي, احتجاج ڪندڙ لاشاري برادري جي ماڻهن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هڪ هفتو اڳ لائين مين قربان باجڪاڻي في گهر کان هڪ هزار روپين جي حساب سان ڏوڪڙ وٺي ويو آهي ۽ اڄ ٻيهر ڏوڪڙ طلب ڪيا جيڪي نه ڏيڻ تي اسان جي گهرن جي  بجلي ڪاٽي ويئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو