بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف مانجهند ۽ پڊعيدن ۾ شهرين جو احتجاج

مانجهند/ پڊعيدن( نمئندن وٽان) بجلي جي لوڊ شيڊنگ خلاف مانجهند ۽ پڊعيدن ۾ شهرين پاران ڌار ڌار احتجاج ڪيو ويو. مانجهند مان مهراڻ يوسف عمراڻي موجب هڪ هفتي کان بجلي بند ٿيڻ خلاف سوين شهرين جو شٽر بند هڙتال ڪرائي مين چوڪ تي ڌرڻو هڻي واپڊا انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي شھرين ديدار ميمڻ، يوسف عمراڻي، لياقت ملاح،  گلزار ملاح ۽ ٻين  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ھڪ هفتو اڳ  طوفان سبب بجلي جا پول ڪري پيا هئا پر اڃا تائين ڪريل پولن جي مرمت نه ٿي سگهي آھي، جنهن سبب  پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ، ڪاروبار کي نقصان ٿئي پيو. هنن چيو ته روزائتن کي پڻ سخت تڪليف پيش اچي ٿي، شھري گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن، 200 روپين ۾ ننڍو ڊرم خريد ڪري رهيا آهيو، درزي عيد جا ڪپڙا سبي نه سگهيا آھن. حيسڪو انتظاميا وٽ ڪافي ڀيرا دانهڻ باوجود ڪوبه تدارڪ نه ٿي سگهيو آھي. هنن الزام هنيو ته انتظاميا عيد خرچي جي مد ۾ وڏي رقم نه ملڻ تي بجلي جي مرمت نه پئي ڪرائي ۽ روز ڪوڙا آسرا ڏئي رهيا آھن.  ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور بجلي بحال ڪرائي نااهل لائين سپريٽيڊنٽ کي هٽايو وڃي. ٻئي پاسي پڊعيدن مان مجاهد شر موجب شھرين اڻ اعلانيل لوڊشيٽنگ خلاف نصرت ڪئنال پُل بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڌرڻو هنيو. پڊعيدن اسٽيشن جي رهواسين ايڊوڪيٽ مشتاق بڙدي،غلام رسول،معشوق علي، محمد ايوب، محمد علي، شاهنواز۽ ٻين واپڊا انتظاميان خلاف نصرت ڪئنال پُل تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. هنن چيو ته واپڊا انتظاميان پاران شھرين سان ڀلاري مهيني ۾ به ناجائزيون ڪيون پيون وڃن، بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيٽنگ ۽ گهٽ وولٽيج سبب روزيدارن جو تڪليفون وڌائي ڇڏيون آھن. هنن ٻڌايو ته شھري علائقن ۾ بجلي جي 14 کان 18 ڪلاڪ جي ڊگهي لوڊشيٽنگ جاري آهي. احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته پڊعيدن جي ڪرپٽ واپڊا انتظاميان خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ پرائيويٽ رکيل ملازمن کي هٽايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو